ديسي سيڻ ڪجن

ديسي سيڻ ڪجن

ديسي سيڻ ڪجن

ديسي سيڻ ڪجن (ڪتاب): هيءُ ڪتاب شاهه جي سر ديسيءَ جي مختلف پهلوئن ۽ نظرين تي لکيل مقالن جو مجموعو آهي، جنهن کي سنڌ جي ناليواري ليکڪ تاج جويي ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب جا ٻه اکر مهتاب اڪبر راشديءَ جا لکيل آهن. ڪتاب ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ شبير احمدقائمخاني جون تقريرون ’شاهه لطيف سنڌي ثقافت ۽ اسان‘ جي عنوان سان شروعاتي صفحن تي ڏنل آهن. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ناليوارن محققن ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، تاجل بيوس، سحر امداد، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، عنايت بلوچ، ڊاڪٽر بشير احمد شاد ۽ ٻين جا مقالا شامل آهن. هن ڪتاب ۾ شاهه سائينءَ جي فلسفي، ٻولي، پيغام توڙي ٻين سمورن رخن تي نظر وڌي وئي آهي. سر ديسيءَ جي مطالعي لاءِ هن ڪتاب کي معلومات جو چڱو ذخيرو چئي سگھجي ٿو. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو جولاءِ 2005ع ۾ مهتاب اڪبر راشدي (تڏهوڪي سيڪريٽري ثقافت) ڇپايو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه ايسٽ لائين ڪميونيڪيشنز ڪراچيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.


لفظ ديسي سيڻ ڪجنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو